سنگرار ديهه

سنگرار (ديهه): تعلقي روهڙي ۽ ضلعي سکر جي هڪ ديهه جو نالو آهي، جنهن ۾ هيٺيان ڳوٺ شامل آهن:
سنگرار. نواب، پريل ڦلپوٽو، محمد يوسف ڊکڻ، غلام حجام، عبدالوحيد شنباڻي، يوسف ابو پوٽو ۽ حجامڪي.
سنگرار: سنگرار صالح پٽ تعلقي جو مشهور ۽ مکيه شهر آهي، جيڪو اروڙ کان ڪجهه فاصلي تي ٿر ۾ واقع آهي. ورهاڱي کان اڳ هتي هندو تمام وڏي انگ ۾ رهندا هئا ۽ اڄ به هتي ڪافي تعداد ۾ رهن ٿا. هتي خوبصورت پڪ سريون جايون هندن طرفان جوڙايون ويون هيون، جن مان ڪجهه اڄ به قائم آهن، هتي تلوارون ڏاڍيون سهڻيون ٺهنديون هيون. سنگرار جي ويجهو سيراهي ۽ ڍنڍ جا مشهور شهر هئا، چچ نامي ۾ هن شهر کي بيناگار چيو ويو آهي، ان ڪري ان جي تاريخي حيثيت آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو